راڄو ليکي

راڄو ليکي: راڄي ليکيءَ جو ڪردار ميان يار محمد جي دور کان شروع ٿئي ٿو. ميان يار محمد جڏهن 1111هه/1699ع ۾ اورنگزيب جي پوٽي معزالدين جي معرڪي وقت سنڌ ڇڏي قلات هليو ويو، تڏهن اڪثر سرائي سردار به خاموش ٿي ويا هئا، ليڪن ٻه سال پوءِ 1113هه/ 1701ع ۾ راڄو ليکي قلات ويو ۽ ميان کي حالتن کان واقف ڪري واپس سنڌ وٺي آيو. راڄي فقير جي جاکوڙ سان، يار محمد ڪلهوڙي سڄي ڪاڇي تي قبضو ڪيو ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿي. راڄو ذات جو ليکي هو. راڄي جي هن خلوص سبب پوءِ ڪلهوڙن جي درٻار ۾ سندس وڏي اهميت ٿي. فوجي مشيرن، وزيرن ۽ صلاحڪارن ۾ سندس درجو اول نمبر ٿي رهيو. ميان نور محمد جي زماني ۾ به سندس ساڳي حيثيت برقرار رهي. نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ دائودپوٽن سان شڪارپور جي معاملي تي، سن 1136هه/ 1723ع ۾ معرڪا ٿيا، جن ۾ راڄو ليکي سرگرم ٿي وڙهيو. ميان مرادياب خان کي سن 1170هه/ 1757ع ۾ معزول ڪيو ويو. ان بعد ڀائرن ۾ اقتدار جي ويڙهه شروع ٿي. اڪثر امير امراءَ عطر خان جي طرف ٿيا. ميان غلام شاهه سنڌ ڇڏي جوڌپور هليو ويو، ان دور ۾ به راڄو ليکي هن سان گڏ هو. سن 1173هه/ 1759ع ۾ ميان غلام شاهه سڄيءَ سنڌ جو حاڪم ٿي ويٺو. تڏهن راڄو ليکي هر لحاظ کان ڪلهوڙن جي درٻار تي حاوي ٿي چڪو هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور وانگر ليکي قبيلي نئين زماني ۾ به پنهنجي امتيازي حيثيت برقرار رکي. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ ليکي ۽ ٽالپر قبيلن ۾ تضاد پيدا ٿيندا رهيا. ان کان سواءِ ٽالپرن جي پنهنجي خاندان ۾ به ڇڪتاڻ شروع ٿي چڪي هئي، جنهنڪري گھرو ويڙهه لاءِ سبب پيدا ٿيڻ فطري هو. آخرڪار 1189هه/1775ع ۾ مير بهرام خان ۽ سندس پٽ صوبدار خان ڀريءَ درٻار ۾ قتل ٿيا. نتيجي ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي کي معزول ڪري، محمود خان کي سنڌ جو حاڪم بڻايو ويو. ان وقت ٽالپر پاسي تي رهيا، ان دور ۾ راڄو ليکي واحد بااثر امير ٿي اڀريو. مير بهرام خان جو پٽ مير بجار خان ان دور ۾ حج تان موٽي آيو، تڏهن سنڌ جي حالتن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ان خطرناڪ عرصي ۾ سن 1190هه/1776ع ۾ راڄو ليکي فوت ٿيو. ڪلهوڙن جو هي نامور سپهه سالار 1113هه/1701ع کان سرگرم ٿيو. جيڪڏهن ان وقت هن جي عمر ويهه سال هجي، تڏهن به وفات وقت هو 96 سالن جو هوندو. حالتن جي دٻاءَ ۽ وڏيءَ عمر سبب راڄو ليکي طبعي موت مئو. سندس مقبرو گنجي ٽڪر تي آهي. ٻي روايت آهي ته وفات کانپوءِ هن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان (محمودآباد/موري جي ڀرسان) ۾ دفن ڪيو ويو. ان دور جو تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽوي ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجو معروف تاريخي ڪتاب ’تحفة الڪرامان وقت لکي پورو ڪيو، جڏهن ميان سرفراز سنڌ جوحڪمران هو. سنڌ جي درٻار ۾ سڀ ڪجھه ٺيڪ هلي رهيو هو، بعد ۾ جڏهن آخري ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ ۾ گھرو جنگ شروع ٿي ته مير قانع بلڪل خاموش ٿي ويو. ڪلهوڙن جو زوال ٿيو ۽ ٽالپر حڪومت ۾ آيا، تڏهن به مير علي شير ان بابت ڪجھه به نه لکيو. ان پسمنظر ۾ ليکي- ٽالپر تضاد ۽ ڇڪتاڻ بابت ڪا قطعي راءِ ڏئي نه ٿي سگھجي.
ڪلهوڙا حاڪميت جي خاتمي کانپوءِ ليکي خاندان ملتان طرف ’ليه‘ جي شهر طرف لڏي ويو، اڄ به هن خاندان جي باقيات اتي آباد آهي.


لفظ راڄو ليکيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو